ہزارہ
سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن جا 8 لک کان وڌيڪ گهر تعمير جي آخري مرحلي ۾ داخل
سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيڻ واري COP-29 ڪانفرنس ۾ ايس پي اي ايف ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان آگاهي ڏيندو
ڪراچي: سنڌ حڪومت دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي منصوبي پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن تحت 3 لک کان وڌيڪ گهرن جي تعمير مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته 8 لک 10 هزار گهر مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن هن انقلابي پروجيڪٽ جي ذريعي سنڌ ۾ 2022 کان ٻوڏ ۾ بي گهر ٿيڻ وارا 21 لک کان وڌيڪ خاندانن لاءِ گهر تعمير ڪيا ويندا اهي سڀ گهر ماحولياتي تبديلين جي چيلنجز کي نظر ۾ رکندي ٺاهيا ويا آهن، ياد رهي ته COP-29 گڏيل قومن جو هڪ ملٽي اسٽيڪ هولڊر فورم آهي ان دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ COP-29 ڪانفرنس ۾ ايس پي اي ايف ۽ ماحولياتي تحفظ بابت کنيل قدمن بابت آگاهه ڪندو. واضح رهي ته COP-29 گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي سان لاڳاپيل گهڻ طرفي ڪثير الجهتي فورم آهي.


